اسلام آ??اد – 20 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن د??ران 31 هزار 681 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 63 هزار 504 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيندڙ 153 ماڻهو فوت ٿي ويا، 26 فيبروري تي ڪوورنا وائرس جي پهرين ڪيس کانپوءِ اهي هيستائين جي هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ ??وو??ڊ 19 جو ڪو به مريضن وينٽي ليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر 549 مريض وينٽي ليٽرز تي ??هن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 4 هزار 780 آهي ج??هن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن د??ران 6604 ماڻهن جو اضافو ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 1 لک 71 هزار 666 آهي ج?? ۾ آزاد ڪشمير ۾ 803، بلوچستان ۾ 9 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 253، اسلام آ??اد ۾ 10 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار 790، پنجاب ۾ 64 هزار 216 ۽ سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 65 هزار 163 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 3382 آهي ج?? مان سنڌ ۾ 1 هزار 13، پنجاب ۾ 1 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 789، اسلام آ??اد ۾ 95، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 فوتگيون ٿيون.