اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري صحافي روزاني بزنس رڪارڊر جي ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد زبيري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ??ه ارشد زبيري جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ??ه ارشد زبيري جوش ۽ جذبي سان اخباري صنعت جي خدمت ڪئي، ارشد زبيري انتهائي باصلاحيت ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن م??اشي صحافت ۾ نوان م??يار قائم ڪيا. هن چيو ته ??رحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ارشد زبيري ج?? مغفرت فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.