اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، ڏکڻ ڪوريا ۾ موان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افسوسناڪ واقعي جو ٻڌي انتهائي ڏک ٿيو آهي. ايڪس تي پ??هنجي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حاد??ي جي نتيجي ۾ ڪيتريون قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان جو?? نيڪ تمنائون ۽ دعائون متاثر خاندانن ۽ جمهوريه ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.