اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ مختلف آپريشنز دوران 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ ان عزم جو و??جاءُ ڪيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ??ار??وايون جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪامياب ??ار??واين دوران 14 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي ميجر ??حم?? اويس شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ميجر ??حم?? اويس شهيد جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري ميجر ??حم?? اويس شهيد جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين ??ار??وايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. صدر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ??ار??وايون جاري رکنداسين.