اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي ??ناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شر??ع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قو??ي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي قيام کي عمل شڪل بخشي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين، قائداعظم محمدعلي ??ناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته قائداعظم عظيم ليڊر ۽ وڏو ذهن رکندڙ هو، قائداعظم محمدعلي ??ناح اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شر??ع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قو??ي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي قيام کي عمل شڪل ڏني. پاڪستان جو قيام قائداعظم جي اڻٿڪ ڪاوشن جو نتيجو آهي. هن چيو ته پوري قو?? پاڪستان جي باني جي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين احسانمند رهندي. قو?? جي باني جي ڏور رس ۽ سياسي بصيرت قو?? جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي باني جي تعليمات ۽ سندس فرمانن جي اهميت موجوده دؤر جي مسئلن کي آڏو رکندي وڏي اهميت ا??تيار ڪري ويا آهن پر مسئلن جو وڏو ڪارڻ اسان سندن تعليمات وِساري ڇڏي جنهن جي نشاندهي قائداعظم ڪئي هئي، اڄ اسان کي جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن تي ضابطوآڻڻ لاءِ واحد رستو قانون ۽ آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ آهي، اسان کي پاڪستان جي باني جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کي پوئتي رکي امن، ترقي پسنداڻي ۽ جمهوري روين کي هٿي وٺرائڻي پوندي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي نقشِ قدم تي هل?? ۽ ??لڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.