اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۾ ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادريءَ سان يڪجهتيءَ جي اظهاءِ لاءِ ڪالهه خصوصي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جو خاص مهمان اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي هو. ان موقعي تي مسيحي برادري جي خو??ين ۾ شريڪ ٿيندي ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائري??ٽر سبين خان خٽڪ، ڊائري??ٽر نيوز شمائله عنديب، ڊائري??ٽر اردو نيوز سروس عبدالجبار زڪريا، ڊائري??ٽر وڊيو نيوز سروس رب نواز باجوه، ڊائري??ٽر ڪورٽ اينڊ ڪرائيم محمد رشيد ملڪ، ڊائري??ٽر ايڇ آر فارينه مغل، مختلف شعبن جي سربراهن ۽ اي پي پي ايمپلائيز يونين جي صدر ملڪ خضر زمان ۽ سيڪريٽري محمد نديم اقبال، اي پي پي جي صحافين، ورڪرن ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ ملازمن ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڊي تقريب کي خطاب ڪندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادريءَ کي مڪمل آئيني ۽ قانوني حق حاصل آهن ۽ مسلمانن سميت ٻين مذهبن جا ماڻهو به ڪرسمس جي خو??ين ۾ شريڪ ٿي دنيا کي پيغام ڏئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ سمورن مذهبن ۾ ڀرپور هم آهنگي آهي ۽ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي. هن چيو ته ڪرسمس جي موقعي تي اسان مسيحي برادريءَ جي خو??ين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. خوشيءَ جي ان موقعي تي اداري طرفان مسيحي ملازمن جي الائونس ۾ به واڌ ڪئي وئي.