اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير ??حسن نقوي سان آمريڪا جي وق??ي سفير ??يٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- آمريڪا لاڳاپن سميت ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي آءِ اين اي ايل جو ڪنٽري ڊائريڪٽر لائن نيلسن پڻ موجود هو. وقتي آمري??ي سفير ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- آمريڪا لاڳاپن سميت ٻه طرفي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جي منعقد ٿيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سفير چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير ??قتي آمري??ي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ايف آءِ اي کي ايف بي ??ءِ جي طرز تي جديد ترين ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي سهڪار جي آجيان ڪنداسين. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته آمريڪا ايف آءِ اي کي ايف بي ??ءِ جي طرز تي جديد رُخن تي آڻڻ ۾ تعاون فراهم ڪندو جڏهن ته آمريڪا نيشنل فرانزڪ ايجنسيءَ کي جديد تقاضائن مطابق فعال ڪرڻ ۾ به معاونت فراهم ڪندو. گهرو وزير چيو ته قانو?? لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه وڌائڻ ۾ آمري??ي سهڪار انتهائي اهميت رکي ٿو. دهشتگردي ۽ هنگامي حالتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز کي جديد اوزارن ۽ سامان جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. سول آرمڊ فورسز کي جديد اوزارن ۽ سامان سان ليس ڪرڻ اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ بهتري?? لاڳاپا آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته قانوني دستاويز رکندڙ ڪنهن به پرڏيهيءَ کي اسلام آباد مان نه پيو ڪڍيو وڃي، جڏهن ته غير ??انوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي. وقتي آمري??ي سفير چيو ته قانو?? لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ تي پاڪستاني عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن گهرو وزير کي پوليس آفيسرن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب منعقد ڪرڻ تي به مبارڪ ڏني. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري رفعت مختار راجا پڻ موجود هئا.