اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالع??يم خان چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ اسپين انجنيئرنگ، هاءِ ويز، اوور هيڊز سميت ٻين شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا، ??اڪ??تان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وسيع سيڙپڪاري جي موقعن ۽ وڌيڪ پُرڪشش منافعي جي آڇ ڪندو آهي. وفاقي وزير اسپين جي سينيٽ ميمبرن جي وفد ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسپين جي سينيٽ افيئرز ڪميٽي جي ميمبرن وفاقي وزير عبدالع??يم خان سان گڏيل دلچسپي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد ۾ اسپين جي سينيٽرن ويڪنٽ ايزپيٽيراٽ، نطاليه اسيرو، انٽونونيوگتريز ۽ لوئيس ڊي لاپينا شامل هئا. وفاقي وزير ملاقات ۾ اسپين ۾ سينيٽ ميمبرن جي چونڊ، ورڪنگ ۽ اداري جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عبدالع??يم خان چيو ته ??اڪ??تان ۾ ڪنهن به ملڪ جي ڀيٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن جڏهن ته هتي منافع جي شرح به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مسئلن باوجود ??اڪ??تان مختلف شين جي وڏي مارڪيٽ ۽ بزنس جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. وفاقي وزير سيڙپڪاري وفد کي ٻُڌايو ته اڄ به ??اڪ??تان کي ڪيترن ئي شين ۾ انفراديت حاصل آهي ۽ قومي روانگي واپار ۾ واڌ جا وسيع امڪان موجود آهن. هسپانوي سينيٽرن وفاقي وزير سان ايندڙ مهيني ايڪسپو ايونٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير اسپين جي ڪمپنين کي ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته ان حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ??اڪ??تان ۽ اسپين وچ ۾ بي ٽو بي تحت وڏي پيماني تي ٻه طرفي سرگرمين جي شروعات ٿيڻ گهرجي. عبدالع??يم خان چيو ته اسان کي گڏيل واپار ۽ سهڪار جا دروازا کولڻا آهن، ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪ- اسپين ڀائيواري ڪري سگهجي ٿي. ملاقات دوران ??اڪ??تان ۾ اسپين جي سفير ??اڪ??تان ۾ پنهنجي قيام جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عبدالع??يم خان کي پنهنجي تاثرن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ??اڪ??تاني چانور، ڪپهه، انبن ۽ ٻين پيداواري شين جو به ذڪر ڪيو.