راولپنڊي-05 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پ?? اين ايس ذوالفقار ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرول دوران جبوتي جو دؤرو ڪيو، جتي جبوتي بحريه جي عملدارن پاڪ بحريه جي جهاز جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس ذوالفقار جي ميزبان بحري عملدارن س??ن ملاقاتون ڪيون. جبوتي بحريه جي ڪمانڊر ۽ ڪوسٽ گارڊز سان پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري جي پڄاڻيءَ تي جبوتي ڪوسٽ گارڊز سان گڏيل بحري مشق منعقد ڪئي وئي. مشق جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ هو. پاڪستان ۽ جبوتي جي سامو??ڊي فوج وچ ۾ ٻه طرفه رابطا ٻنهي ڀائرملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بنيادي ??يث??ت رکن ٿا. جبوتي ۾ قيام دور??ن مختلف ملڪن جي سفيرن، دفاعي اتاشي، جبوتي جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت س??ن مقامي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي به جهاز جو دؤرو ڪيو. ان دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.