واشنگٽن -23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ??اري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان آمريڪ?? ن??ڻي ??اري وزارت جي عالمي ماليات واري اسسٽنٽ سيڪريٽري برينٽ نائمن ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي ??زارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل ان ملاقات دوران ناڻي ??اري وزير برينٽ نائمن کي ٽيڪس جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي قدمن ۽ صوبائي زرعي انڪم ٽيڪس (اي آئي ٽي ) ج?? ن??ام کي وفاقي ۽ ڪارپوريٽ آمدني جي ٽيڪس جي شرح سان هم آهنگ ڪرڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. هن سبسڊيز ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ڪمپنين (ايس او ايز) نئين سر جوڙجڪ ۽ (ڪلائميٽ پبلڪ انويسٽمينٽ اينڊ پي آئي ايم اي اڪائوئنٽبلٽي) منصوبي تي اٿرائتي نموني سان عمل ڪرڻ تي پڻ بريفنگ ڏني. هن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي ??اري وزير جو چوڻ ??و ته انهن سمورن سڌارن جو مقصد پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي وڌائڻ آهي. موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ??دم کڻڻ پڻ ان حڪمت عملي جو حصو آهي. ناڻي ??اري وزير پاڪستان لاءِ آئي ايم ايف جي ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسلٽي ۾ آمريڪي حمايت جو پڻ شڪريه ادا ڪيو.