اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سفيد لَڪڻ نُور کان محروم ماڻ??ن جي پاڻڀرو ۽ خود اعتمادي جي علامت آهي، سفيد لَڪڻ جو ڏينهن نُور کان محروم ماڻ??ن جي هر ممڪن مدد، همٿ افزائي ڪرڻ ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سفيد لَڪڻ جي عالمي ڏين??ن جي موقعي تي اسپيڪر نُور کان محروم ماڻ??ن جي همٿ ۽ استقامت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته نُور کان محروم ماڻهو اسان جي معاشري جو هڪ اهم حصو آهن، ان??ن جي فلاح ۽ ڀلائيءَ ۽ همٿ افزائي اسان جي اجتماعي ذميواري آهي. هن چيو ته نُور کان محروم ماڻ??ن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي کين معاشري جو ڪارآمد ۽ س??گر?? شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن نُور کان محروم ماڻ??ن جي صلاحيتن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ ۽ کين معاشرتي زندگيءَ ۾ س??گر?? ڪردار ادا ڪرڻ جي قدمن کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن هو به هڪ باعزت ۽ ڪامياب شهريءَ جي حيثيت سان زندگي گ??ار?? سگهن. هن وڌيڪ چيو ته نُور کان محروم ماڻهن کي تعليم، روزگار ۽ ٻين شعبن ۾ هڪج??ڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي ماڻهو معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ??ري سگهن ٿا. هن چيو ته سفيد لَڪڻ جو عالمي ڏينهن ان عهد جو ڏينهن آهي ته اسان نُور کان محروم ماڻ??ن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن زندگيءَ کي آسان بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻون. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اثرائتي قانونسازيءَ ذريعي خاص ماڻ??ن جي حقن جي تحفظ ۽ ان??ن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ماڻ??ن جي سهولت لاءِ پاڪستان جي آئين کي بريل لکڻيءَ ۾ جوڙيو آهي ۽ قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ کي نُور کان محروم ماڻهن لاءِ پهچ جوڳو بڻايو. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي بلڊنگ کي معذورن لاءِ پهچ جوڳو بڻايو ويو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ماڻ??ن جي ڀلائي ۽ به??ري ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن نُور کان محروم ماڻهن کي خاص ٽيڪنالاجي جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نُور کان محروم ماڻ??ن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ??ري سگهجن ٿيون.