اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، سندس دوري دوران ساڻس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ ??گه?? ڏيڻ تي لاڀائتي ڳالهه ٻوله?? ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاران ايڪس تي پاڪستان پهچڻ ۽ نو?? خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين پاران استقبال جي تصويرن سان گڏ ڪيل پوسٽ جي جواب ۾ کيس مخاطب ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان جي دوري سان امن، خوشحالي ۽ علائقائي ترقي جي اسان جي عزم کي وڌيڪ ??گه?? ملندي. وزيراعظم چيو اچو ته گڏجي پاڪستان ۽ ملائيشيا جو مستقبل روشن ڪريون.