اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ٽانڪ ۾ ڪوٽ پٺاڻ جي علائقي ۾ پوليس جي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگرد?? جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس دهشتگردن خلاف جنگ ۾ لازوال قربان??ون ڏن??ون آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي فائرنگ سبب شهيد ٿيل ٻن پوليس اهل??ار?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد پوليس اهل??ار?? جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي زخمي?? جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا پوليس جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪر??ون ٿا. سڄي قوم انهن قربانين کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي. هن چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگرد?? جي مڪمل خاتمي لاءِ سموري قوم متحد آهي.