اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعودي شهزاديءَ لطيفه بنت عبدالعزيز السعود جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ ا??سوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز، شاهي خاندان ۽ سعودي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري شهزادي لطيفه بنت عبدالعزيز السعود جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ ا??سوس جو اظهار ڪندي شهزادي لطيفه جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. شهزادي لطيفه شاهه عبدالعزيز جي ڌيءَ هئي.