اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ زندگي خطري ۾ وجهي انسانيون حياتيون بچائڻ بهادري آهي، پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله تي پوري قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيال?? جو اظهار بلوچستان جي علائقي قلعه عبدالله ۾ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله سان ڳالهائيندي ڪيو. هن محب الله کي 25 لک رپيا انعام ڏنو ۽ سندس ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ ٻين سهولت?? جو پڻ اعلان ڪيو. هن وزيراعظم هائوس اچڻ تي محب الله کي ڀليڪار چيو. وزيراعظم محب الله جي انساني حياتيون بچائڻ جي جذبي کي ساراهيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري م??لڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجو?? هئا. وزيراعظم چيو ت?? مون سميت پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. توهان جي انسانيت سان محبت جي جذبي جي دل سان قدر ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ت?? توهان قوم جا هيرو آهيو، توهان همت سان ڪم وٺي قيمتي انساني حياتيون بچايون. اهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي انساني حياتيون بچائڻ بهادري جو ڪم آهي. وزيراعظم محب الله جي بهادري جي اعتراف ۾ کيس حڪومت پاران 25 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وزيراعظم محب الله جي ٻارن جي لاءِ يونيورسٽي تائين جي تعليم مفت ۽ ان جي خاندان کي صحت جي م??ت سهولتن جي فراهمي جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي محب الله وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ت?? توهان سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ماڻه?? جون حياتيون بچائڻ وقت قطعي طور تي اهو نه سوچيو هو ت?? اها ڳالهه پوري م??ڪ ۾ مشهور ٿي ويندي. هن چيو ت?? وزيراعظم ۽ حڪومت جو ٿورائتو آهيا?? جو هن ان قدم کي ساراهيو ۽ منهنجي لاءِ قيمتي وقت ڪڍيو. وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم پاران عزت افزائي تي دل سان ا?? جو ٿورائتو آهيان.