اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي ??ي پي) صدر آصف علي زرداري واديءَ تيراهه جي ضلعي خيبر ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي سلامت?? ۽ ??ستحڪام جي لاءِ دهشت??رد?? جي خلاف ڪارروايون جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. صدر دهشت??رد?? جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشت??رد?? جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي.