پشاور-30 آگسٽ (اي پي پي) خي??رپ??تونخوا جي ضلعي اپر دير جي علائقي پاتراڪ ميدان واري هنڌ تي ڇپُون ڪرڻ جي ن??يجي ۾ هڪ گهر ڊهي پيو جنهن سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 12 ڀاتي دٻجي فوت ٿي ويا. ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ريسڪ??و 1122 اپر دير موجب پاتراڪ ۾ مسلسل تيز ب??سا??ن سبب لينڊ سلائيڊنگ جي ن??يجي ۾ هڪ گهر مڪمل طور تي ڊهي پيو جنهن ۾ موجود 12 ماڻهو دٻجڻ ??و اطلاع مليو. ريسڪ??و 1122 ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. ريسڪ??و 1122 ڊٺل گهر جي ڀنجو هيٺان دٻيل 12 ماڻهن جا لاش ڪڍيا، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ريسڪ??و 1122 سمورا لاش ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيا جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر جي نگراني ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو.