اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي بيلاروس جي سرڪاري دوري تي هڪ پارلياماني وف?? جي قيادت ڪئي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر منسڪ ۾ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، ايوان جي چيئرمين ايگور سرجينيڪو، بيلاوس جي ڪائونسل جي چيئرپرسن نتاليه ڪوچانووا ۽ زراعت واري وزير انٽولي لينيوچ سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ?? ٻنهي ڌرين ??طر??ي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌريون زراعت، صنعت، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ??طر??ي تعاون کي جاري رکنديون خاص طور تي ??طر??ي واپار کي وڌايو ويندو. اسپ??ڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي 19 کان 22 آگسٽ تائين بيلاروس جي سرڪاري دوري تي پارلياماني وف?? جي قيادت ڪئي.