اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 19 آگسٽ 2014ع تي پارليا??ين?? جو گهيراءُ ڪرڻ کي جمهوريت خلاف هڪ سازش قرارڏيندي چيو آهي، ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پارليا??ين?? جي عزت ۽ توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليا??ين?? تي حملي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 19 آگسٽ 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏهاڙي طور ياد رکيو ويندو. 10 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پارليا??ين?? هائوس جو گهيراءُ ۽ ان تي حملو ڪيو ويو. اها جمهوريت خلاف سازش هئي، ان حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اسپيڪر چيو ته پارليا??ين?? ملڪ جو اعليٰ ترين ادارو، جمهوريت جو بنياد ۽ عوامي خواهشن جو ترجمان آهي. ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي پارليا??ين?? جي مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته پارليا??ين?? جي عزت، توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. هن چيو ته 19 آگسٽ 2014ع تي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن پارليا??ين?? تي حملو ڪري ان جو تقدس پائمال ڪيو، ڪنهن کي به اهڙن قدمن جي اجازت نه ??ي ڏئي سگهجي، اهو حملو نه رڳو جمهوريت پر رياست جي بنيادي ٿنڀن تي حملو هو. اسپيڪر ان وقت جي حڪومت ۽ پارليا??ين?? جي دفاع لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي پارٽين جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته 2014ع جي پرتشدد مظاهرن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي نقصان پهچايو ۽ ان سبب چين جي صدر کي پنهنجو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪرڻو پيو. سردار اياز صادق چيو ته ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو جمهوريت ۽ پارليا??ين?? سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته پارليا??ين?? ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي هميشه ڪوشش ڪندو رهندس، عوام جي ڀلائي پهرين ترجيح آهي ۽ پارليا??ين?? اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِپرعزم آهي.