ڪوئيٽا – 13 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ قومي اس??مبلي جو اس??يڪر سردار اياز صادق جشن آزادي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويا آهن. ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سردار اياز صادق ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال جو استقبال وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان اس??مبلي جي اس??يڪر عبدالخالق اچڪزئي، قومي اس??مبلي ميمبر جمال شاهه ڪاڪڙ، صوبائي وزيرن بخت محمد ڪاڪڙ، راحيلا حميد درا??ي، حاجي علي مدد جتڪ ڪيو. نائب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ 14 آگسٽ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو ۽ گورنر، وڏي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.