اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه ??وندي. سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغ??ا، دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي به لاڳو نه ??وندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن، قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه ??وندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي لاڳو نه ??وندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 65 سالن کان وڏي عمر جي مرد قيدين تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 60 سال کان وڏي عمر جي عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. ٻارن سان گڏ جيل ۾ ??وج??د عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو سزا ڪاٽي ڇڏيندڙ 18 سال کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي لاڳو هوندي.