اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي چ??نڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت مقرر آئيني مدي کانپوءِ ڪو به ميمبر هڪ پارٽي ۾ شموليت کانپوءِ ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ شامل نه ٿي سگهندو، جيڪا پارٽي مخصوص سيٽن ??اء?? پنهنجي ترجيحي فهرست جمع نه ڪرائيندي اها مخصوص سيٽن جي اهل نه هوندي، رٽرننگ آفيسر وٽ پارٽي ٽڪيٽ جمع نه ڪرائيندڙ اميدوار آزاد تصور ٿيندو. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چ??ئرمين رانا ارادت شريف خان، چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع تي ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. بلال اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع غور هيٺ آڻڻ ??اء?? لاڳاپيل قاعدا معطل ڪيا وڃن. ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ بلال اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آندو وڃي. سني اتحاد ڪائونسل جي ميمب?? صاحبزاده صبغت الله ۽ علي محمد خان بل ۾ ترميمون پيش ڪيون جن جي ??ان??ن واري وزير، اعظم ن??ير تارڙ مخالفت ڪئي. صاحبزاده صبغت الله چيو ته هي ايڪٽ آئين جي آرٽيڪل 119 ۽ 112 جي ڀڃڪڙي ۽ آئين جي ابتڙ آهي، اسان سمجهون ٿا ته بل جو جائزو وٺڻ ??اء?? ان کي وسيع بنياد تي سليڪٽ ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي. علي محمد خان پنهنجي ترميم جي حق ۾ دليل ڏيندي چ??و ته پارليامينٽ کي سياسي مقصدن ??اء?? استعمال ڪرڻ درست ناهي، اڄ مون کي جيڪڏهن پنهنجو حق ملي رهيو آهي ته سڀاڻي مون کي ان حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي. اهو حق اسان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ملي چڪو آهي ان بل کي رد ڪريون ٿا، ??ان??نسازي ملڪ جي مفاد ۾ ٿيڻ گهرجي، ان بل خلاف اسان سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين. جنهن جي جواب ۾ ??ان??ن واري وزير، اعظم ن??ير تارڙ چيو ته ??ان??نسازي هن مقدس ايوان جو اختيار آهي ۽ هي ??ان??نسازي آئين جي روح موجب آهي. اها ترميم ڪنهن جو رستو روڪڻ ??اء?? ناهي، انهن جي 81 ميمبرن الله کي حاضر ناضر ڄاڻي اهو حلف نامو جمع ڪرايو هو ته سندن تعلق پي ٽي آءِ سان ناهي پر سني اتحاد ڪائونسل سان آهي. اعظم ن??ير تارڙ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 تحت اهڙي پارٽي جنهن ان پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو ئي نه ورتو هجي ان کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن. ايوان مان بل تي پهرين خواندگي جي رٿ منظور ٿيڻ بعد اسپيڪر هڪ ٻئي پويان بل جي سمورين شقن جي ايوان مان منظوري حاصل ڪئي. بل ۾ بلال اظهر ڪياني ۽ زيب جعفر رٿون پيش ڪيون جن جي ??ان??ن واري وزير، اعظم ن??ير تارڙ مخالفت نه ڪئي. ايوان مان ترميمون منظور ٿيڻ کانپوءِ بل ۾ شامل ڪيون ويون. بلال اظهر ڪياني چ??و ته جيڪي ترميمون آنديون ويون آهن اهي پهريان کان ئي آئين ۾ لکليل آهن، ڪو اميدوار رٽرننگ آفيسر وٽ پارٽي ٽڪيٽ جمع نه ڪرائيندو ته اهو آزاد اميدوار تصور هوندو. ٻي ترميم اها آهي ته مقرر وقت تائين جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي پنهنجي مخصوص سيٽن جي ترجيح فهرست جمع نه ڪرائي ته اها مخصوص سيٽن ??اء?? اهل ناهي جڏهن ته ان کانسواءِ ٽئين ترميم اها آهي ته جيڪڏهن هڪ دفعو ڪو آزاد اميدوار چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري وٺو ته پوءِ ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نٿو ٿي سگهي. اهي شقون آئين ۽ ??ان??ن ۾ موجود آهن. بلال اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.