اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وز??ر انجنيئر امير مقام سمورين پارلياماني پارٽين کي اپيل ڪئي آهي ته 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير جي مناسبت سان ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين رٿيل واڪ ۾ شرڪت ڪن. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان ان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي جنهن کي 5 آگسٽ 2024ع تي پنج سال مڪمل ٿي ويندا ان ڏينهن هر سال وانگر هن سال به يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا سميت پاڪستان ?? ان خلاف احتجاجي واڪ ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين ٿيندڙ واڪ ۾ سمورين پارلياماني پارٽين کي شرڪت جي اپيل آهي ته جيئن اهو ??يغ??م وڃي ته ڪشمير جي مسئلي تي اسان سڀ هڪ آهيون، ان ڏينهن ايوان ۾ متفقه قرارداد به پيش ڪئي ويندي.