اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي ملڪ گير مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته هيپاٽائي??س جي روڪٿام، سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ ترت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت هيپاٽائ??س جي ڪري درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، هيپاٽائٽس سي جي خاتمي واري پروگرام تحت پاڪستان جي هر شهري کي هيپاٽائٽس سي جي لاءِ اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل هوندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ان بيماري کي ختم ڪرڻ ۽ سڀني لاءِ صحتمند مستقبل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب هيپاٽائٽس کان آگاهي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هلندڙ سال هيپاٽائ??س جي عالمي ڏينهن جو عنوان آهي ”هي عمل جو وقت آهي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هيپاٽائ??س جي روڪٿام، سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ ترت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄوڪو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هيپاٽائ??س جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي سڀني لاءِ صحتمند مستقبل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هيپاٽائٽس هڪ خاموش وبا آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي جنهن سان جگر ۾ سوج پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن ترت علاج نه ٿئي ته امڪاني طور شديد پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، پاڪستان ۾ آبادي جو وڏو حصو هيپاٽائٽس سي انفيڪشن ??بب متاثر آهي. عالمي سطح تي 60 ملين هيپاٽائٽس سي ڪيسز مان 10 ملين متاثرن جا ڪيسز پاڪستان ۾ ??وج??د آهن، خدشو آهي ته جيڪڏهن وائرل هيپاٽائ??س جي روڪٿام ۽ خاتمي لاءِ ضروري قدم نه کنيا ويا ته اسان جگر جي ڪينسر جي وبا به ڏسي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان آگاهي مهم، ويڪسينيشن پروگرامز، جاچ ۽ علاج تائين بهتر په?? لاءِ وائرل هيپاٽائٽس کي منهن ڏيڻ ۾ گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي پر اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. اسان کي هيپاٽائ??س جي روڪٿام کي ترجيح ڏيڻي آهي. جلد سڃاڻپ کي يقيني بنائڻ ۽ سڀني جي لاءِ سستو ۽ په?? جوڳو علاج فراهم ڪرڻو آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي حيثيت سان منهنجي دور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ لور ٽرانسپلانٽ انسٽيٽيوٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جيڪا اهم اڳڀرائي آهي. پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ هيپاٽائ??س جي حوالي سان جديد فلٽر ڪلينڪس سان گڏوگڏ ??ڙدي ۽ جيري جي مريضن کي جديد ترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته حڪومت هيپاٽائ??س جي ڪري درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان حوالي سان مون کي هڪ ملڪ گير مهم، جنهن جو مقصد هيپاٽائٽس سي جو خاتمو آهي، جو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. اسان جو ڌيان جاچ ۽ علاج جي مرڪزن جي بهتري تي هوندو، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته فراهم ٿيندڙ خدمتون اسان جي شهرين جي ضرورتن موجب هجن. وزيراعظم چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي هر شهري کي هيپاٽائٽس سي جي لاءِ اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل ٿيندي، ان قدم جو بنيادي مقصد ايڇ سي وي کان متاثر ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ ڪوششن کي بهتر ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي نقصانن کي گهٽائڻ، جگر جي ڪينسر ۽ ان بيماري جي ڪري فوتگين جي خدشن کي گهٽ ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ”اچو، هيپاٽائ??س جي هن عالمي ڏينهن تي، اسان هيپاٽائ??س جي حوالي سان آگاهي، وائرل هيپاٽائٽس کان متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ ان بيماري جي بار کان آزاد مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ڪوششن ۾ متحد ٿيون، اسان سڀ گڏجي هڪ صحتمند ۽ خوشحال قوم بڻجي سگهون ٿا“.