اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن افغان پناهگيرن تي خصوصي ڌيان سان گڏ عالمي پناهگيرن جي صورتحال بابت وسيع مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پراڻي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ تعاون کي ساراهيندي ان کي ??لڪ جي مهمان نوازي جو هڪ شاندار مثال قرار ڏن??. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ??و اين ايڇ سي آر جي جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏن?? ۽ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پائيدار رابطن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏن??. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افغان پناهگيرن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۽ ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ??ه سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ نئين انساني صورتحال سان عالمي ڌيان کي ??کين افغانين جي ضرورتن تان هٽائڻ نه گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي يڪجهتي جي مسلسل مظاهري ۽ عالمي ذميواري ۽ بار ونڊڻ جي اصول تي وفاداري سان عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏن??. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن کي ضروري امداد جي فراهمي ۽ انهن جي سٺي، محفوظ ۽ باوقار واپسي جي لاءِ پائيدار حل جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.