اسلام آباد -12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي سال 25-2024ع دوران وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري ڊويزن لاءِ مجموعي طور تي 20251 ملين ??پي?? مختص ڪيا آهن جن مان 13 جاري منصوبن لاءِ 5936 ملين ??پي?? جڏهن ته 8 نون منصوبن لاءِ 14315 ملين ??پي?? مختص ڪيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي مطابق جاري منصوبن ۾ وزيراعظم جي هدايت تي والاريل ڪشمير جي شاگردن لاءِ 1600 اسڪالرشپس لاءِ 250 ملين ??پي??، اين سي اي لاهور ۾ گريجوئيٽ بلاڪ جي تعمير لاءِ 320 ملين ??پي??، فيڊرل گورنمينٽ ڪاليج هوم اڪنامڪس جي قيام لاءِ 485 ملين ??پي??، اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار بوائز مارگلا ٽائون جي قيام لاءِ 90 ملين ??پي??، اسلام آباد ۾ عورتن لاءِ ماڊل ڪاليج جي 13 ون جي قيام لاءِ 100 ملين ??پي??، پراجيڪٽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ يونٽ جي قيام لاءِ 58 ملين ??پي??، ايف ڊ?? اي اسڪولن جي استادن جي ڀرتين جي پائليٽ پراجيڪٽ لاءِ 10 ملين ??پي??، پاڪستان ۾ ٽيوٽ سيڪٽر جي ترقي واري پروگرام اسڪلز فار آل لاءِ 417.120 ملين ??پي??، ايف ڊ?? اي جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن لاءِ 3200 ملين ??پي??، ايف ڊ?? اي جي انتظام هيٺ اسڪولن ۾ يو ايس ايف طرفان بنايل ڪميپوٽر ليبز لاءِ ڪمپيوٽر ٽيچرز کي برقرار رکڻ لاءِ 130 ملين ??پي??، نيشنل انسٽيٽيوٽ آَ ايڪسي لينش ٽيچرز ايجوڪيشن لاءِ 300 ملين ??پي??، اسلام آباد ?? آئوٽ آف اسڪول چلڊرن جي داخلائن ۽ انهن کي برقرار رکڻ لاءِ 300 ملين ??پي??، جڏهن ته ڪارڪردگي کي مضبوط بڻائڻ واري پروگرام لاءِ 275 ملين ??پي?? مختص ڪيا ويا آهن. انگن اکرن مطابق نون منصوبن ۾ وفاقي نظامات تعليمات جي انتظام هيٺ پرائمري اسڪولن جي اي سي اي سينٽرز جي ڪلاس رومز لاءِ 300 ملين ??پي??، نيوٽيڪ جي اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 1000 ملين ??پي??، وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 5000 ملين ??پي??، پاڪستان ايجوڪيشن فنڊ لاءِ 4000 ملين ??پي??، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پونڇ جي قيام جي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ 35 ملين ??پي??، اسڪولن ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي پروگرام لاءِ 980 ملين ??پي??، وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪري وٽ دانش اسڪول جي قيام لاءِ 1500 ملين ??پي?? جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 دانش اسڪولن جي قيام لاءِ 1500 ملين ??پي?? رکيا ويا آهن.