اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان توان??ئي واري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقاتون ڪيون، صدر ديامير ڀاشا ڊيم جي 1500 متاثرين کي في ڪس 47 لک رپين جو معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، صدر هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت سهولت پروگرام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي گورنر ۽ گلگت بلتستان ڪائونسل جي ميمبرن صدر کي علائقي کي د??پيش مسئلن بابت آگاهه ڪ??و هو ۽ صدر ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن جي خاطري ڪر??ئي هئي.