اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ سينٽ لوشيا باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پا??ست??ن ۽ سينٽ لوشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ پا??ست??ن جي مستقل مشن ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سفارتي لاڳاپن جي معاهدي تي گڏيل قومن ۾ پا??ست??ن جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم ۽ سينٽ لوشيا مان ان جي هم منصب سفير مينيسا رامبلي لاڳاپيل ملڪن پاران گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ترجمان چيو ته گذريل ٽن سالن دوران پا??ست??ن پالائو، ڪريباتي، ڊومينيڪ ريپبلڪ، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس ۽ ڊومينيڪا دولت مشترڪه سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪي?? آهن. هن چيو ته اهو فيصلو پا??ست??ن جي پنهنجي سفارتي پهچ کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.