اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج ۽ سائنسدانن کي فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ س??ٽم جي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ س??ٽم پاڪستان جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. وزيراعظم چيو ته فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ س??ٽم پاڪ فوج ۽ سائنسدانن جي اڻٿڪ محنت جو ن??يج?? آهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ سائنسدانن جي محنت ڏينهون ڏين??ن پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندي پئي وڃي.