اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقصادي لاڳاپا و??يڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪ – برطانيا لاڳاپن کي اعليٰ سطحي رابطن ۽ عوامي لاڳاپن سان سگهه ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر ملاقات دوران ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ??يو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي رابطن ۽ عوامي لاڳاپن سان سگهه ملي آهي. صدر آصف علي زرداري ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي ??يو ته معيشت جو استحڪام اولين ترجيح آهي، روزگار جا موقعا پي??ا ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويندو. هن ??يو ته موسمياتي ??بد??لي پاڪستان جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي ڇو ته پاڪستان موسمياتي ??بد??لي جي سڀ کان و??يڪ خطري ۾ ورتل ملڪن ۾ شامل آهي. هن هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 600000 هيڪٽر ايراضي تي ٻڌل تَمر جا ٻيلا آهن جيڪي سامونڊي ماحولياتي نظام کي سهارو ڏيڻ کانسواءِ ماحولياتي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر ??يو ته پاڪستان ۾ شمسي ۽ هوائي توانائي جي وڏي صلاحيت موجود آهي، شمسي ۽ هوائي ذخيرن سان ملڪي توانائين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد مل?? سگهي ٿي. صدر ملاقات ۾ برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ۽ پرنسز آف ويلز ڪيٿرين مڊلٽن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جين ميريٽ صدر آصف علي زرداري کي صدارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.