اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت کي درپيش چئلينج?? جي حل ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل کي اهم پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ اسان سڀ متحد آهيون، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، بنيادي ڍانچاجاتي سڌار?? کانسواءِ معيشت کي مضبوط نٿو بڻائي سگهجي، ساليانو ٽي کار چار ٽريلين رپين جون ا??ڳاڙيون ضايع ٿي رهيون آهن، 2700 ارب رپي?? جي اوڳاڙين بابت ڪيس عدالتن ۾ آهن، بجلي ۽ گئس جي شعبي جو گردشي قرض 5 ٽريلين رپين تائين پهچي ويو آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جي معاهدي کانپوءِ ايندڙ مهيني 1.10 ارب ڊالر جي قسط جاري ٿي ويندي، اڳتي سخت فيصلن جو بار غريب عوام تي نه اشرافيه تي وڌو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي جي خصوصي ا??لاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ا??لاس ۾ مختلف سياسي پارٽين جا چونڊيل نمائندا ۽ انه?? جي قيادت موجود آهي، مختلف سياسي پارٽي?? جي وڏن وزيرن، وزيرن، سرڪاري آفيسرن، آرمي چيف ۽ ا?? جي ٽيم جي هتي موجودگي پوري قوم جي لاءِ پيغام آهي ته اسان جو پنهنجو پنهنجو منشور آهي ۽ پنهنجي پنهنجي ترجيح آهي پر پاڪستا?? جي ترقي، خوشحالي ۽ يڪجهتي جي لاءِ اڄ اسان هتي موجود آهيون. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سندس ٽيم جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته عبوري حڪومت جي دور ۾ هن وڏي ذميواري ۽ محنت سان ڪم ڪيو، ان سان گڏوگڏ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سندس ٽيم جا پڻ دل جي گهراين سان ٿورا ادا ڪريان ٿو، هن جهڙي طرح اسا?? جي 16 مهين?? جي حڪومت دوران ڀرپور تعاون ۽ مدد ڪئي اهڙي طرح نگران حڪومت جي دور ۾ پڻ قومي مفاد ۾ تعاون جو مظاهرو ڪيو جيڪو مثالي آهي. وزيراعطم چيو ته جون 2023ع ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي، ا?? جي قائم ٿيڻ جا ٽي چار وڏا سبب آهن، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر سيڙپڪاري جي حوالي سان مشڪلاتن ۽ چئلينجز درپيش هئا، انهن کي مختلف سبب جي بنياد تي ماضي جي ا??باب اختيار ۽ سرڪاري آفيسرن حل نه ڪري سگهندا هئا، نيب جي حوالي سا?? جيڪي معاملا رهجي ويا اهي سڀني جي ڄاڻ ۾ آهن ۽ سرخ ڦيٿو بدقسمتي سان اسا?? جي پير?? جي زنجير بڻجي چڪو هو، ا?? کانسواءِ صلاحيت ۾ گهٽتائي ۽ نااهلي به تمام وڏا چئلينج هئا. وزيراعطم چيو ته ايس آءِ ايف سي قائم ڪرڻ ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ جيڪو ڪم پهرين ڪنهن نه ڪيو ا?? جي لاءِ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. وزيراعظم چيو ته معيشت کي تمام وڏا چئلينجز درپيش آهن، ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جا 8 مهينن ۾ 9 اجلاس ٿيا آهن، ا?? کانسواءِ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا پڻ ڪيترائي ا??لاس ٿيا، ورڪنگ جي سطح تي 200 کان وڌيڪ اجلاس ٿي چڪا اهن ج?? جي نتيجي ۾ ڪيترائي ٺوس فيصلا ٿيا ۽ انهن تي عملدرآمد پڻ ٿيو آهي، ايس آءِ ايف سي هڪ اهم پليٽ فارم آهي، ماضي ۾ جيڪي دير وارا حربا اختيار ڪيا ويندا هئا ۽ جان ڇڏرائڻ جي لاءِ فائيل هيڏانهن هوڏانهن ڪيا ويندا هُئا هاڻي اهو سلسلو بند ٿي ويو آهي. وزيراعطم چيو ته 16 مهينن ۾ 13 رڪني ا??حادي حڪومت جڏهن ا??تدار ۾ آئي ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪو هو، سڀني پارٽين گڏجي فيصلو ڪيو ته سياست وڃي ٿي ته وڃي رياست کي بچائڻ ضروري آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿي ويو آهي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ا?? جي ناڻي واري وزارت کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته انهن ا?? معاهدي تي عملدرآمد ڪرايو جنه?? جي نتيجي ۾ آءِ ايم ايف سان هاڻي ا??ٽاف سطح جو معاهدو پڻ ٿي ويو آهي، اميد آهي ته ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف کان 1.10 ارب ڊالر جي قسط ملي ويندي. وزيراعطم چيو ته اها اسا?? جي منزل نه آهي، اسان کي ملڪ ۾معاشي ا??تحڪام آڻڻو آهي ۽ ميڪرو سطح تي ا??تحڪام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو آهي ۽ اهو طئي آهي ته هڪ ٻئي معاهدي کانسواءِ اسان جو گذارو نه آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا ان سان معاشي ا??تحڪام اچي ويندو ۽ اسا?? جي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيڻ شروع ٿي ويندو ۽ ملڪ ۾ خوشحالي جو انقلاب اچي ويندو، ان کي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي جيڪو وڌيڪ هڪ پروگرام گهرجي ان جو مُدو ٻه يا ٽي سال ٿي سگهي ٿو، ان ۾ اسان کي گڏوگڏ بنيادي ڍانچاجاتي سڌارا متعارف ڪرائڻا آهن، ا?? کانسواءِ معاشي ترقي هڪ خواب ئي رهندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان بنيادي سڌارا نه ڪياسين، ڍانچاجاتي تبديليون نه ڪيون ۽ ايف بي آر کي مڪمل طور تي ڊيجيٽلائيز نه ڪيو ته معاشي هدف حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو، هلندڙ مالي سال جي لاءِ اوڳاڙي?? جي وصولي جو هدف 9 ٽريلين رپيا آهي، هڪ محتاط اندازي موجب اسان جون ا??ي اوڳاڙيون 9 ٽريلين نه 14 ٽريلين رپين تائين هجڻ گهرجن، ٽي چار ٽريلين جو جيڪو فرق آهي ۽ اهي مختلف سبب?? جي بنياد تي ضايع ٿي رهيا آهن، ا?? جي سبب?? جي سڀني کي خبر آهي، ا?? کانسواءِ ايف بي آر يا ڪلائنٽس جي ڪليمز جي ماليت پڻ اٽڪل 2.7 ٽريلين رپين تائين آهي، هڪ ٽريلين جا ڪيسز ٽربيونلز ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، ا?? کانسواءِ اپيليٽ ڪورٽس ۽ هاءِ ڪورٽس ۾ پڻ معاملا ٻڌڻي هيٺ آهن، جيڪڏهن اسان ا?? مان اڌ رقم جي به وصولي ڪري وٺون ته 1300 ارب رپي?? کان وڌيڪ جمع ٿي سگهن ٿا اها ڪا معمولي رقم نه آهي، ميڪرو استحڪام جي لاءِ بنيادي سڌارا لازمي آهن. وزيراعظم چيو ته ساليانو 500 ارب رپي?? جي بجلي چوري ٿي وڃي ٿي، جيڪڏهن ا??ڳاڙي?? جي وصولي ۾ اضافو ٿيندو ته قرضن ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم چيو ته هن وقت وفاق ۾ هڪ اتحادي حڪومت قائم آهي، صوبن ۾ مختلف پارٽين جون حڪومتون ٺهي چڪيون آهن، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، وفاق اڪيلي ڪجهه نٿو ڪري سگهي، صوبن سان گڏجي معاشي ترقيجي لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو، رستي ۾ ڏکيائيون ۽ چئلينجز ايندا، مهانگائي جو هڪ طوفان آهي، غريب ماڻهو مهانگائي ۾ پيڙهجي ويو آهي، اهي سموارا معاملا اسا?? جي شامهون آهن. وزيراعظم چيو ته بجلي ۽ گئس جي شعبي جو گردشي قرض 5 ٽريلين رپين تائين پهچي ويو آهي، 76 سا??ن کان ا??و سلسلو هلندو پيو اچي، ڪنهن هڪ حڪومت کي ان جو ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي، گڏجي ئي انهن مسئ??ن کي حل ڪرڻو پوندو، ذاتي ا??تلافن کي هڪ طرف رکي قومي مفاد کي ترجيحي ڏيڻي پوندي، اسان پنهنجي منزل تائين پهچي وينداسين. وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ايس آءِ ايف سي جي حوالي سا?? جيڪي قدم کنيا آهن ا??ي وڏي اهيمت رکندڙ آهن، 87 ارب رپي?? جي بجلي چوري کي بچايو ويو آهي، اهو ڪم رڳو ڀرپور عزم سان ئي ٿي سگهيو پئي، اسان ملڪ جي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ تمام وڏي سياسي قيمت ادا ڪئي آهي، اهڙي طرح اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا انهن جو پڻ ملڪ کي تمام گهڻو فائدو ٿيو آهي، اهڙي طرح ايگزم بئنڪ جي شروعات ٿي، لينڊ مئنيجمينٽ سسٽم تي اڳڀرائي ٿي، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس جي ٽرانزيڪشن مڪمل ٿي، سرڪاري ملڪيتي ا??ار?? جي ڪري ا??بين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، رڳو پي آءِ اي جو قرض 825 ارب رپيا ٿي چڪو آهي، ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۾ وڏي پئماني تي بدانتظامي ۽ ڪرپشن ڏٺي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان تمام سٺا فيصلا ڪيا ويا ۽ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ڪويت ۽ گڏيل عرب امارات سان به اربين ڊالر جا معاهدا ڪيا ويا، ٽائيٽ گئس پاليسي تي پڻ اڳڀرائي ٿي، برائون فيلڊ ريفائنريز اپ گريڊيشن پاليسي، سيڊ ريفارمز تي پڻ نگران حڪومت تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ڇو ته اسا?? جي ملڪ ۾ جعلي ٻج ۽ دوائن جو وڪرو ٿيندو هو ا?? جي روڪٿام جي لاءِ پاليسيون ٺاهيون ويون ۽ اهي سمورا قدم ايس آئي ايف سي تحت ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته جيترن به سفيرن سان منهنجي ملاقات ٿي آهي مون ا??هن کي چيو آهي ته اسان کي وڌيڪ قرضن ۽ رول اوورز ۾ ناهي پوڻو، اسا?? جي خواهش آهي ته توهان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪريو، ا?? جي لاءِ حڪومت مڪمل تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته هوائي اڏ?? جي آئوٽ سورسنگ ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري تي ڪافي ڪم ٿيو آهي، اهو سڀ ڪجهه انهي جي لاءِ ممڪن ٿيو ته قومي مفاد کي اوليت ڏني وئي آهي. هن چيو ته اسان کي اڳتي تمام سخت فيصلا ڪرڻا پوندا پر انهن فيصلن جو بار انهن طبقن تي پوڻ گهرجي جيڪي ان بار کي برداشت ڪري سگهن، ماضي ۾ ائين نه ٿيو ۽ ملڪ ۾ اشرافيه جو ڪلچر وڌندو رهيو ۽ انهن کي ئي مراعتون ۽ سبسڊيز ملنديون رهيون ۽ غريب ماڻهو جو جيڪو حال ٿيو ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي ا?? جي صورتحال سڀني کي خبر آهي، غريب ماڻهو اڳ ۾ ئي مهانگي ۾ پيڙهجي رهيو آهي ان کي تحفظ ڏيڻو آهي، ان حوالي سان ناڻي واري وزير کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته ايندڙ بجيٽ انهن سمورن هدفن کي نظر ۾ رکي ٺاهي وڃي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي انا ۽ اختلافن کي هڪ طرف رکي ملڪ کي اهو مقام ڏيارڻو آهي جنه?? جي لاءِ لکين ماڻهن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. وزيراعظم چيو ته نگران دور ۾ ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدمن تي اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، ا?? جي ڪابينا ۽ سرڪاري آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو.