اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فالو اپ قدمن جي ??اءِ ??داراجاتي مڪينزم جا باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ??چ ۾ اسلام آباد ۾ سياسي ڊائيلاگ جو نائون دور ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد ??اض?? ۽ يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ايزيڪ مور?? ڪئي. ترجمان چيو ته هنن يورپي يونين جي ??ليگ شپ پروگرامز گلوبل گيٽ وي اسٽريٽجي ۽ هورائزن يورپ تحت نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ??طرفن لاڳاپن جي سمورنر خن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان، واپار ۽ ترقياتي تعاون، سلامتي، موسمياتي تبديلي کانسواءِ مائيگريشن ۽ موبلٽي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ شامل آهي. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تيزي سان بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي منظرنامي جي ??چ ۾ ويجهي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو.