اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي ٽيليفون ڪئي ۽ ايران جي قيادت ۽ عوام پاران نگران حڪ??مت کي پاڪستان جي 2024ع جي پارلياماني ??ون??ن جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي ڀائر عوام پاران نيڪ خواهشن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي حڪ??متن سان گڏوگڏ عوام ج?? وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي ت??اون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ مهيني جي شر??ع ۾ ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ سرڪاري مصروفيتون مڪمل طور تي بحال آهن.