ڪوئيٽا-08 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل راحست ن??يم احمد خان خميس ڏينهن سي ايم ايڇ اسپتال جو دورو ڪيو جتي هنن قلعه سيف الله ۽ پشين بم ڌماڪن ۾ زخمي ماڻهن جي عيادت ڪئي، نگران وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر علاج هيٺ ماڻهن جي جلد صحتي??بي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن ??و اظهار ڪيو، بعد ۾ نگران وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ۾ قائم هڪ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ پولنگ اسٽاف ۽ ووٽرن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ٻنهي عهديدارن پاران چونڊن لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان ??و اظهار ڪيو.