ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي بابر اياز جي لاڏ??ڻي تي مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو، سنڌ جو اطلاعات وارو نگران وزير محمد احمد شاهه به ساڻس گڏ هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرحوم بابر اياز جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ بابر اياز جي صحافتي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته بابر اياز هڪ مخلص، امن پسند ۽ جمهوريت پسند انسان هو. بابر اياز جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو و??ند??. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.