اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لياماني معاملن واري ??گران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي منتظر آهي، گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري، پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري ??گران ??فا??ي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ خودمختياري جي حق جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄ جي ئي ڏينهن قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته اها پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل ان واعدي کي 75 سال گذري ??يا پر افسوس جو اهو واعدو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گ??يل قومن کي ڪشميري عوام سان ڪيل واعدي جو احترام ڪندي انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري. اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري ??گرانو فاقي وزير چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڪراري علائقي جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جو ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ان رخ ۾ تازه ترين قدم آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حدبندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.