اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس اف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) جي اڳوڻي سب ايڊيٽر خالد اعواڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعيت ۽ همد??دي??َ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خالد اعواڻ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم خالد اعواڻ کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صب?? جميل عط?? فرمائي.