لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان ترقياتي ماڊل قومي اقتصادي ترقي جي لاءِ مثبت نتيجا رکندڙ ٿي سگهي ٿو، ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي ح??ومت ڪاروبار جي لاءِ سموري??ن سهولتون فراهم ڪندي. هو بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر (بي ايف سي) ۾ واپاري برادري سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، بزنس ڪميونٽي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر پنجاب حڪومت جو هڪ بهتر قدم آهي جتي هڪ ئي ڇت جي هيٺ سموري??ن سهولتون ميسر هونديون، وفاقي ح??ومت ڪاروبار جي لاءِ سموري??ن سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ??ه ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن سان روزگار جي موقعن، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي خيال کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي ح??ومت ڪاروبار جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ ان کي سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ بلوچستان تائين وڌايو ويندو. هن وفاقي ح??ومت پاران ڪاروباري شعبي جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن ذريعي هر قسم جي سه??لت فراهم ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو. هن ڪاروبار جي فروغ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.