اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڃا تائين ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي، ال??ڪش?? ڪميشن پاران تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي سمورا سوال ۽ شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن، ال??ڪش?? ڪميشن جون چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سيڪيورٽي سميت سموريون ض??ورتون پوريون ڪنداسين. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي ڪنهن کي چونڊون منعقد ٿيڻ تي شڪ نه هجڻ گهرجي، اڳ ۾ چيو ويو ته انهن جي نيت ۾ فتور آهي ان لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪري رهيا آهن، هاڻي جڏهن ته اتفاق راءِ سان 8 فيبروري چونڊن جي تاريخ اچي وئي آهي ته ڪو ابهام باقي نه آهي. هن چيو ته چونڊون ال??ڪش?? ڪميشن کي منعقد ڪرائڻيون آهن، ال??ڪش?? ڪميشن کي جن جن شين جي ضرورت هئي اهي پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته ال??ڪش?? ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ 42 ارب رپين جي بج??ٽ گهري وئي هئي، پهرين مرحلي ۾ 10 ارب رپيا ڏنا ويا جنهن تي چيو ويو ته 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا وڃن، اهڙي طرح ناڻي واري وزارت ال??ڪش?? ڪميشن کي 27 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا، باقي فنڊز به جڏهن ال??ڪش?? ڪميشن ض??ورت محسوس ڪندي ته فراهم ڪيا ويندا، ال??ڪش?? ڪميشن کي سيڪيورٽي سميت هر طرح جو تعاون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اڃا تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فراهم نه ڪري سگهون. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ افواهن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان ڪنهن وهم يا ڪنهن ٻي سوچ ۾ مبتلا ٿي وڃُون، نه ئي ڪنهن اداري پاران اهڙي طرح جي ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون حالتون اڳ ۾ به هيون ۽ اڃا به آهن، 2008ع ۽ 2018ع ۾ ال??ڪش?? جي وقت جون حالتون به سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته اهڙيون حالتون نه آهن جنهن جي ڪري عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کان توهان پاڻ پڇندا ته کيس ڪنهن چيو ته صوبي ۾ وزارت اعليٰ جي اميدوار جو نالو فائنل ٿي ويو آهي، اسان جي حساب سان چئني صوبن ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ ان ۾ سموريون رجسٽرڊ سياسي پارٽيون آزادي سان حصو وٺنديون، هر سياسي پارٽي کي سياسي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت آهي، بلاول ڀٽو اڳ ۾ به سياسي سرگرميون ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي به ڪندو رهندو، اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، جنهن جي جتي مرضي هجي پنهنجون سياسي سرگرميون ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي اطلاع هوندو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ وڃي رهيو آهي، اسان کي ته ڪو اهڙو اطلاع نه آهي. هن چيو ته ايندڙ وزيراعظم ڪير هوندو ان جو فيصلو ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا ڪندا.