اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي درپيش صحت جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صحت جي عالمي اداري سان حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن جي حوالي سان رويي ۾ مثبت تبديلي آئي آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار صحت جي عالمي اداري جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صد?? ۾ ملاقات ڪئي. صد?? چيو ته خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صد?? حڪومتي قدمن جي سپورٽ ڪرڻ ۽ بنيادي ص??ت جو نظام مضبوط بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار کي ساراهيو. صد?? گهر جي سطح تي ذهني ص??ت جي اهميت ۽ شروعاتي مشاورت بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خاندانن ۾ ذهني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ذهني ص??ت جي ٽول ڪِٽ جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا پاڪستان جو صحت جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو پاڪستاني عوام جي ص??ت بهتر بڻائڻ جي لاءِ تعاون جاري رکندو. صد?? چيو ته ذهني ص??ت تي معاونت جو نظام قائم ڪرڻ، معياري ذهني ص??ت جي خدمتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي ڌرين جي تعاون ۽ خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا بريسٽ ڪينسر، ذهني ص??ت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن سميت صحت جي مختلف مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ صد?? ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. صد?? پاڪستان جي ص??ت جي شعبي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا جي ڪردار ۽ عزم کي ساراهيو.