اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ملندي، هن اميد ??اهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپ??ري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپ??ري هدف کي آساني سان حاصل ڪري وٺندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد ??دجايو عبدوخاڪو مووچ 7 رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪئي ۽ 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صد?? شوڪت مرزيوف سان پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع ۽ رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اسلام آباد ۾ پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي واپار وارن وزيرن جي پهرين ٽي ڌريي اجلاس جي انعقاد کي پڻ ساراهيو. ٽنهي ڌرين ڪسٽم، لاجسٽڪس، واپار جي فروغ، ٽيرف، ٽي آئي آر جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٽي ڌريو ورڪنگ گروپ پڻ قائم ڪيو. ٽه ڌريي اجلاس جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار نگران وزيراعظم اميد ??اهر ڪئي ته ٽي ڌريو طريقيڪار ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ واپ??ري لاڳاپن کي هٿي ڏيندو. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. هن اميد ??اهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپ??ري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپ??ري هدف کي آساني سان حاصل ڪري وٺندي. ازبڪ نائب وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن نگران وزيراعطم کي بئنڪنگ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن سميت پاڪستان جي واپ??ري برادري سان نتيجاخيز ملاقاتن بابت ٻڌايو. هن اميد ??اهر ڪئي ته ٻئي ڌريون ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي لاءِ فعال ڳالهه ٻولهه ج??ري رکندا. ازبڪستان جي وفد ۾ ٽرانسپورٽ وارو وزير الخم مخڪاموف رسمووچ، سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار وارو نائب وزير بدري الدين عابدوف، نائب پرڏيهي وزير بابور عثمانوف، اسٽيٽ سيڪيورٽي سروس جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل فرخ مختارئوف ۽ پاڪستان ۾ ازبڪستان جو سفير ميجر جنرل فرخ مختاروف اويبيڪ عار?? عثمانوف شامل هئا. ملاقات ۾ واپار و??ري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز کانسواءِ واپار وارو سيڪريٽري، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا.