اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فو??ي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حفاظت جي ل??ءِ جان قربان ڪندڙ پاڪ فو?? جا جوان قوم جا هيرو آهن، شهيدن پنهنجي رت سان بهادري ۽ جرئت جي بي مثال تاريخ لکي آهي، پوري قوم پاڪ فو?? جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر جي درجن جي بلندي جي ل??ءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين ??ان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪ فو?? جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ هر پهرين ??ستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين، دشمن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم پاڪ فو?? سان گڏ بيٺل آهي.