اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته ملڪ ۾ 72 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو ته ثانيه نشتر ۽ ٻين سينيٽرن تمام اهم نقطا اٿاريا آهن، پارليامينٽ جي گڏيل ڏاهپ سان حڪومت کي رهنمائي ملي ٿي. سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ تجويزون تمام سٺيون آهن، ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون. هن ??يو ته هن وقت ڪڻڪ جا ذخيرا پنجاب ۾ 39 لک 24 ??زا?? 367 ميٽرڪ ٽن، سنڌ ۾ 8 لک 17 ??زا?? 394 ميٽرڪ ٽن، خيبرپختونخواهه ۾ 2 لک 15 ??زا?? 82 ميٽرڪ ٽن، بلوچستان ۾ 89 ??زا?? 354 ميٽرڪ ٽن، پاسڪو وٽ 17 لک 18 ??زا?? 177 ميٽرڪ ٽن موجود آهي، جيڪو مجموعي طور تي 67 لک 64 ??زا?? 374 ميٽرڪ ٽن آهي. هن ??يو ته ڪڻڪ جي نجي ذخيرن ۾ پنجاب ۾ 3 لک 37 ??زا?? 270 ميٽرڪ ٽن، سنڌ وٽ 93 ??زا?? 165 ميٽرڪ ٽن، خيبرپختونخواهه وٽ 14 ??زا?? 918 ميٽرڪ ٽن، بلوچستان وٽ 4 ??زا?? 167 ميٽرڪ ٽن جيڪو مجموعي طور تي 4 لک 49 ??زا?? 510 ميٽرڪ ٽن بڻجي ٿو. هن ??يو ته درآمد ٿيندڙ پرائيويٽ اسٽاڪ ۾ 10 لک 33 ??زا?? 845 ميٽرڪ ٽن آهي. هن ??يو ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي ۽ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. صوبن ۾ امدادي قيمت مختلف آهي. پنجاب ۾ اها 4 ??زا?? 600 ۽ سنڌ ۾ 4 ??زا?? 700 رپيا في مڻ آهي. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ثانيه نشتر، سينيٽر دلاور خان، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروردي، سينيٽر حاجي هدايت الله ۽ سينيٽر رخسانه زبيري به خيالن جو اظهار ڪيو.