اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي سان يونيسيف جي نامزد ٻارن جي وفد ٻارن جي عال??ي ڏينهن جي سلسلي ۾ ملاقات ڪئي. ٻارن جو وفد چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻارن جي نمائندگي ڪري رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد ج?? قيادت پاڪستان ۾ يونيسيف جي پهرين يوٿ ايڊووڪيٽ 16 سالا تقويٰ احمد ڪئي. ٻارن جي وفد مستقبل جي ل??ءِ پنهنجي اميدن بابت صدر کي ٻڌايو. ملاقات ۾ وفد ٻار?? کي درپيش مختلف مسئلن ۽ چئلينجن تي به روشني وڌي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته پاڪستان ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي جي ل??ءِ قدم کڻڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. ٻار?? کي تعليم، هنر ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. خصوصي ٻار?? کي باقاعده اسڪولن ۾ جامع تعليم فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي ٻار?? کي معاشري جي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻو پوندو. خصوصي ٻار?? کي مهارتن سان ليس ڪرڻ سان انه?? کي روزگار کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻارن صدر کان موسمياتي تبديلين، ڇوڪرين جي تعليم، خصوصي ٻارن ۽ انه?? کي درپيش ٻين چئلينجن بابت مختلف سوال پڇيا. ملاقات ۾ ٻارن صدر کي پنهنجي تجربن بابت ٻڌايو. ٻارن زندگي ۾ وڌڻ ويجهڻ جي ل??ءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ ٻارن بئنڪنگ سيڪٽر بابت هڪ ڪيس ۾ صدر پاران ڪيل ٻڌڻي ۾ به شرڪت ڪئي.