اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته ان جو فلسفو ۽ فڪر پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آه??، خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي ڀاڙڻ بدران اقبال نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اقبال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي اقبال جي فڪر تي عمل پيرا ٿيڻ جي سخت ضرورت آه??، اقبال مسلمانن جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ ان??ن کي غفلت جي خواب مان بيدار ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي، اڄ اسان کي جيڪي گهڻ رخا چئلينجز درپيش آه?? انهن جو حل اقبال جي آفاقي تعليم ۾ لڪ?? آه??. هن چيو ته اقبال نوجوانن کي خودي جو پيغام ڏنو ۽ ان??ن کي شاهين جي زندگي اختيار ڪري مسلسل جدوجهد جو درس ڏنو، نوجوان اقبال جو فڪر اختيار ڪري پاڪستان ۽ مسلمان امت جي حقيقي خدمت ڪري سگهن ٿا.