اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته دهشتگرد?? جي خلاف اسان جي پختي عزم کي ڪمزور ن?? ٿو ڪري سگهجي، دهشتگرد?? جي خاتمي ل??ءِ پوري قوم متحد آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چوڪس هٿياربند فوج جا ٿورائتا آهيون جنهن چترال ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو فوجي چوڪين تي دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهتو آهي. افسوس آهي ته انهن حملن ۾ اسان جي 4 بهادر جوانن شهادت ماڻي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگرد?? جي خاتمي ل??ءِ اسان جو عزم پختو آهي ۽ پوري قوم دهشتگرد?? جي خاتمي لا??ِ متحد آهي.