اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان هواوي پ??ڪستان جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٿان سن نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هواوي پ??ڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ايڪو سسٽم جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾سئو جي لڳ اڳ انفارميشن ٽيڪنالاجي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. نگران وزيراعظم هواوي جي پ??ڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترويج جي حوالي سان قدمن کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هواوي پ??ڪستان جي نوجوانن خاص طور تي ڏورانهن علائقن جي رهندڙن ۽ عورتن جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ??ي حوالي سان حڪومت جي معاونت ڪندو. هن هواوي جي پ??ڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خواهش جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم هواوي کي پ??ڪستان ۾ موبائيل فون سيٽس جي تياري جو پلانٽ هڻڻ ??ي پڻ صلاح ڏني. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف پڻ موجود هو.