ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان ??و معاشي مرڪز آهي، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، پنهنجي مقرر مدي ۾ ملڪ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن سان ??علق رکندڙ ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي بلوچستان ??ي عوام جو ٻيو گهر آهي ۽ تعليم د??ران ??سان موڪلون گذارڻ ڪراچي ايندا هئاسين، بعد ۾ خبر نه آهي ڪنهن جي هن شهر کي نظر لڳي وئي ۽ هي شهر جيتريون خوشيون ڏئي رهيو هو ائين ئي هتي ڏک به ڏٺا ويا. ڪراچي مختلف رنگ ۽ نسل ۽ زبان ڳالهائيندڙ ماڻهن جو گلدستو آهي. الله تعاليٰ سان ??ي دلين کي ڳنڍيندو ۽ گڏيل نفرتن کي ختم ڪندو ۽ پوءِ هڪ نئين ڪراچي ۽ نئين پاڪستان ??ي ??رو??ات ٿيندي ۽ اهو ئي اهو پاڪستان هوندو جنهن جو علامه محمد اقبال خواب ڏٺو هو ۽ ان ??ي قيام جي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جدوجهد ڪئي هئي. قائداعظم عام ماڻهن جي لاءِ پاڪستان ٺاهيو هو ۽ هو عام ماڻهو جو اڳواڻ هو. الله تعاليٰ کيس بصيرت عطا ڪئي هئي. اسان ??ي خطي ۽ پاڙيسريت ۾ جهڙي طرح مسلمان ڀائرن ۽ ٻين اقليتن جو حال آهي، اسان ??لله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ته ڪيتري وڏي نعمت قائداعظم جي بصيرت جي ڪري اسان کي حاصل ٿي ۽ هو ايندڙ حالتن کي پرکي چڪو هو ۽ هن عملي جدوجهد ڪري اسان ??ي لاءِ هڪ جدا وطن حاصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان قيامت تائين انهن جا احسان مند رهنداسين. ان ??حسان مندي جي گهرج آهي ته جنهن مقصد جي لاءِ پاڪستان قائم ٿيو ان کي حاصل ڪ??ڻو آهي ۽ ان موجب زندگي گذارڻي آهي. اسان کي گڏيل احترام ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسلام اسان کي هڪ ٻئي جو مال ناحق طريقي سان کائڻ کان منع ڪري ٿو. هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام ۽ برداشت ۽ تحمل سان 92 سيڪڙو مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪاروبا??ي ماڻهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، سنڌ جو گورنر ۽ چيف سيڪريٽري ان ??والي سان ??وهان ??ان ??ابطي ۾ رهندا. ڪيترائي معاملا حل ٿي ويندا ۽ شايد ڪجهه حل نه ٿي سگهن. اسان هڪ ٻئي جي مجبورين ۽ حدن کي سمجهون ٿا پر ڪوشش ڪنداسين. پنهنجي مقرر مدي ۾ احسن طريقي سان پنهنجو فرض ادا ڪنداسين.