ڪان مهترزئي-20 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي اباڻي علائقي ڪان مهترزئي قلعه س??ف الله ۾ عوامي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪان مهترزئي جو دورو ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جو ذاتي طور جائزو وٺندو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙو اظهار هن ڪان مهترزئي واسين کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هو علائقي جي سڀني سياسي قيادت، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، سول سوسائيٽي ۽ وڪيلن طرفان نگران وزيراعظم جي نامزدگي تي مبارڪون ڏيڻ تي شڪر گذار آهي، وزيراعظم پروگرام جو انتظام سنڀاليندڙن جو خاص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته ڪان مهترزئي، قلعه س??ف الله کي ملڪ جي ٻين علائق?? جي برابر آڻڻ ۽ پٺتي پيل حالت?? جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، قلعه س??ف الله ۽ بل??چس??ا?? جي ٻين علائقن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري روزگار جي فراهمي ۽ امن امان لاءِ قدم کنيا ويندا. تقريب ۾ مختلف سياسي اڳواڻن، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، صح??في??، زمي??دا??ن ۽ وڪيلن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻه?? جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.