اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گوجرانوا??ا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ جمشيد علي ج??ڙا روشن ستارا اسان جي قوم جو فخر ۽ نوجوان نسل جي لاءِ رول م??ڊل آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوجرانوا??ا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ هوشيار شاگرد جمشيد علي سان ملي انتهائي خوشي ٿي، ان جي ڪاميابي ۾ جيستائين ان جي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ شامل آهي اتي ان جي والدين ۽ استادن جي به ايتري ئي محنت آهي. وزيراعظم چيو ته مون جمشيد علي جي مثالي ڪارڪردگي تي ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپين جو انعام ڏنو، ماسٽرز تائين تعليم جا خرچ حڪومت پاران برداشت ڪرڻ، ماهوار 30 هزار رپين جي وظيفي ??ان گڏوگڏ ان کان اهو وچن پڻ ورتو آهي ته هو اڳتي به ائين ئي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو، جمشيد علي ج??ڙا روشن ستارا اسان جي قوم جي فخر سان گڏوگڏ نوجوان نسل جي لاءِ رول م??ڊل آهن. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ جمشيد علي سان پنهنجي ملاقات جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن.